دادو جي گاج ندي ۾ چاڙهه، 2 مزدور ٻڏي ويا، ڳولا جاري

دادو : دادو ضلعي جي گاج ندي ۾ ٻوڏ سبب پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته 2 مزدور درياهه ۾ ٻڏي ويا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته گج ندي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل ٻن مزدورن جي ڳولا جاري آهي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته کيرٿر جبل جي سلسلي ۾ برساتن کانپوءِ درياهه ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، جنهن سبب ڪڇي جا رابطا روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.ريسڪيو ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪڇي جا رابطا روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

2 laborers drowned in Dadu's Gaj river