اپر دِير ۾ گهرجي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي فوت

اپر دير: جمعي تي فجر مهل تيز برسات سبب ڪچي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ننڍ ستل هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي دٻجي مري ويا. مري ويلن ۾ عورتون ۽ بار به شامل آهن. ريسڪيو اهلڪار بلال احمد فيضي ميڊيا سان ڳالهائيندي فوتين جي تصديق ڪئي آهي ۽ بڌايو ته ڇپ ڪرڻ سبب ڇت ڪري پئي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ايمرجنسي آفيسر جي نگراني ۾ سرچ آپريشن مڪمل ڪرڻ بعد لاشن کي ٻاهر ڪڍي ميدان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) وقار احمد به واقعي جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ نوشاد خان، خان باچا، ولي رحمان، سندن لاڳاپيل زالون ۽ سندن 3 کان 22 سالن جي ٻارن جي نالن سان ٿي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل بيان ڏک جو اظهار ڪندي متوفين جي بخشش جي دعا ڪئي آهي.

In Upper Dir