برسات کانپوءِ صورتحال قابو ۾ آهي، مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برسات کانپوءِ ڪراچي جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.

ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر جا سمورا انڊر پاسز ۽ هاءِ ويز صاف آهن، جتي پاڻي جمع آهي اتي نيڪال جو عمل جاري آهي.هن چيو ته گلشن مري ۽ منگهو پير ۾ ڪجهه هنڌن تي مسئلا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته برسات شهر جي روڊن کي به نقصان پهچايو آهي، روڊن جي تعمير ۾ غفلت ڪندڙ ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

After the rainsthe situation is under control