سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا ۽ برسات وارو طوفان ٽڪرائڻ لاءِ تيار

ڪراچي: موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جي رڻ ڪڇ کان سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائڻ لاءِ تيز برسات ۽ واچوڙي وارو طوفان وڌي رهيو آهي ۽ جمعي تي شام جو ڪنهن به وقت ٽڪرائبو. جمعي تي صبح 10 وڳي جاري ڪيل چتاءَ موجب طوفان سنڏ جي سامونڊي ڪناري کان 200 ڪلوميٽر پري هو. عام طور تي سائڪلون يا واچوڙي وارو طوفان 30 کان 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندو آهي. ڪراچي کان بدين تائين سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا ۽ برسات جو خطرو آهي، سنڌ حڪومت انتظامي الرٽ جاري ڪندي آس پاس جا ڳوٺ خالي ڪرايا آهن. ضلعي انتظاميا، نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊز جو ٽيمون به الرٽ آهن. چيف ميٽرو لوجسٽ ڊاڪٽر سردار سرفراز چيو ته ڊيپ ڊپريشن وارو هي طوفان اولهه-ڏکڻ ۽ اولهه طرف وڌندو رهندو. يعني مڪران ۽ عمان جي سامونڊي پٽي ۾ به تيز بارش جو امڪان آهي. ميٽ آفيس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مون سون جي مند ۾ واچوڙي وارو طوفان ٺهڻ حيرت جوڳو آهي ۽ ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي. سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي واچوڙي وارو طوفان آيو ته 1976 بعد هي پهريون ڀيرو هوندو ۽ پاڪستان ان جو نالو ’اسنا‘ تجويز ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ڊويزن سان گڏوگڏ ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊي الهيار، مٽياري، 31 آگسٽ تائين ڪراچي ڊويزن ۾ ”گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي“. عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشورو، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ برسات پوندي. بلوچستان جي ساحلي پٽي جي باري ۾، پي ايم ڊي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ”وڏي برسات/ هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ حب، لسٻيلا، آواران، ڪيچ ۽ گوادر ضلعن ۾ 30 آگسٽ کان 1 سيپٽمبر تائين، ڪڏهن ڪڏهن وقفي وقفي سان بارش جو امڪان آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ”سخت برساتن سبب سنڌ-مڪران جي ساحلي علائقن جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ/ برساتي ٻوڏ پيدا ٿي سگهي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمنڊ جون حالتون 50 کان 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن سان گڏ سخت/ تمام خراب رهڻ جو امڪان آهي. پي ايم ڊي سنڌ جي ماهيگيرن کي 31 آگسٽ ۽ بلوچستان جي ماهيگيرن کي پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني آهي.