سعودي حڪومت بيمار ماڻهن جي حج ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

رياض:  سعودي حڪومت بيمار ماڻهن جي حج ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2025 بابت هيلٿ ايڊوائزري ملي وئي آهي.

حج ايڊوائزري ۾ پاڪستان کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته مختلف بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو  حج جي سفر تي روانه نه ٿي سگهندا، صرف تندرست ۽ توانا ماڻهو ئي حج تي اچي سگهن ٿا.

مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب سعودي حڪومت جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو آهي ته موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف تندرست ماڻهن کي حج جي سفر جي اجازت ڏني ويندي.

گڙدي، دل، ڦڦڙ، جگر ۽ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي حج جي سفر جي اجازت نه هوندي، مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ڊيمنشيا ۽ معدي جي مرض ۾ مبتلا مثال طور ٽي بي، تپ، ڪاري کنگهه  ۾ مبتلا ماڻهن کي حج جي سفر جي اجازت نه هوندي.

12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن ۽ ڳورهاري عورتن تي به حج ڪرڻ تي پابندي هوندي، حج تي ويندڙن لاءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمي انفلوئنزا، پوليو ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندو.