ٽي ٽي پي سان ڳالهيون نه ٿينديون،طالبان انهن خلاف ڪاروائي ڪن

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو ڪو به ارادو ناهي.هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جو معاملو بار بار اٿاريو آهي.افغانستان ۾ فتني الخوارج جي دهشتگرد گروپن جي موجودگي کي اقوام متحده سميت ڪيترائي عالمي ادارا ثابت ڪري چڪا آهن.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان افغانستان کي دهشتگردي بابت انٽيليجنس معلومات به فراهم ڪئي آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دهشتگردي بابت انٽيليجنس شيئرنگ بابت معلومات جاري نه ٿو ڪري سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل آهن، انهن چينلز تي افغانستان سان دهشتگردي بابت ثبوتن جي مٽا سٽا ڪئي ويندي آهي. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پاران ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ ثالثي جي آڇ بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان وٽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهين جو ڪو پروگرام ناهي.افغان حڪومت ٽي ٽي پي سميت پاڪستاني عوام جي خونريزي ۾ ملوث گروپن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري.بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آصف مرچنٽ بابت آمريڪي انتظاميا کان معلومات جو انتظار ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اڄ ڪيمرون ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري اسرائيل جي ايڊونچرزم، اسلام فوبيا ۽ ٻين معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.

There will be no talks with TTP