شڪيب مجرم ثابت ٿيڻ تائين ڪرڪيٽ کڏندو،بنگلا بورڊ

ڍاڪا: بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شڪيب الحسن پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ ٽيم لاءِ موجود هوندو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن کي واپس نه گهرايو ويندو، هو کيڏندو رهندو جيستائين مٿس ڏوهه ثابت نه ٿيندو.بي سي بي پاران شڪيب الحسن تي قتل ڪيس ۾ نالو اچڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ نالو اچڻ تي بي سي بي کي قانوني نوٽيس پڻ موڪليو ويو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر فاروق احمد جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن کيڏندو رهندو، قانوني نوٽيس ملي ويو آهي، هن جواب ڏنو آهي ته کيڏندو رهندو.هن چيو ته ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي ۽ اها شروعاتي مرحلي ۾ آهي، گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين هو کيڏندا رهندا.

Shakib will play cricket till he is found guilty