گهر ۾ کائڻ لاءِ ماني نه آهي: لاهور ۾ غربت کان تنگ اچي شهري سمورن گهر ڀاتين کي زهر ڏئي ڇڏيو

لاهور: لاهور جي علائقي شاهدره ٽائون ۾ گهر جي سربراهه گهر ۾ کاڌي پيتي جون شيون نه هجڻ سبب سمورن گهر ڀاتين کي زهريليون گوريون کارائي ڇڏيون.

موجب جوابدار زال، ٻارن سميت 7 ڄڻن کي زهريلي گوريون کارايون، متاثر ٿيل گهر ڀاتين کي وقت تي طبي امداد ڏئي بچايو ويو، هاڻ انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

سٽي ڊويزن پوليس جي ترجمان موجب پوليس فوري طور تي سمورن گهرڀاتين کي اسپتال منتقل ڪيو جنهن کان پوءِ هاڻ انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

شهري پنهنجي بيان ۾ چيو ته گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، 7 مهينن جو گهر جو ڪرايو به نه ڏنو، غربت کان تنگ اچي مون زال، ٻارن ۽ پاڻ کي زهر ڏنو.