واٽس ايپ وڊيو ڪالز لاءِ نوان فيچرز متعارف

نيويارڪ : جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ ۾ اگيومينٽڊ رئيلٽي ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچرن ذريعي وڊيو ڪالنگ جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.ان اَپ ڊيٽ جو مقصد واهپيدارن کي وڊيو ڪالز ۾ ڪيئي انٽر ايڪٽيو آپشنز فراهم ڪرڻ آهي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي آءِ او ايس ڊيوائسز جي نئين بيٽا ورزن ۾ اي آر ڪال ايفيڪٽس ۽ فلٽرز جو واڌارو ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ او ايس واهپيدارن کي نئين اي آر فيچرز تائين پهچ ڏني پئي وڃي، جن ۾ هڪ فيچر ڊائنامِڪ فيشل فلٽر جو آهي جنهن کي وڊيو ڪالز دوران استعمال ڪري واهپيدار پنهنجي شخصيت کي مختلف انداز سان پيش ڪري سگهندا.اهڙي ريت هڪ بيڪ گرائونڊ ايڊيٽنگ ٽول آهي جنهن ذريعي وڊيو ڪالز دوران ڀرپاسي جي ماحول کي بِلر ڪري سگهجي ٿو يا وري اڳواٽ ٺهيل بيڪ گرائونڊ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.هڪ لو لائيٽ موڊ سيٽنگ به متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ذريعي اهڙي جاين تي وڊيو ڪالز جو معيار بهتر ٿيندو جتي خراب روشني هئڻ سبب ڏکيائيون پيش اينديون آهن.ان کانسواءِ هڪ ٽچ موڊ ٽول به ميٽا جي پيغام رسائيندڙ ايپ جو حصو بڻيو آهي جيڪو وڊيو ڪالز دوران واهپيدار جي شخصيت کي بهتر بڻائي پيش ڪندو.مٿي ڄاڻايل سمورين سيٽنگز ۾واهپيدار طرفان ڪيل ڦيرڦار واٽس ايپ محفوظ ڪري وٺندو جنهن کانپوءِ انهن کي هر ڪال تي بدلائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.جئين مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اِهي فيچرز في الحال بيٽا ورزن جو حصو آهن ۽ سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.