وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪري ڇڏيو،وڏي وزير سنڌ ۾ موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي 24 ڪلاڪ فعال رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آفيسر ۽ عملو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاءِ سرگرم آهن،سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل سيڪريٽري دادلو زهراڻي کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ڪمشنرن ۽ ڊي سيز سان رابطي ۾ رهي. سي ايم هائوس ۾ قائم رين ايمرجنسي سيل کي 02199207349 ۽ 02199207568 تي 24 ڪلاڪ ڪال ڪري سگهجي ٿو.