ڪراچي سميت سنڌ ۾ اڄ کان 29 آگسٽ تائين تيز وسڪارن جي اڳڪٿي

چوماسي جي برساتن جو طاقتور سسٽم اڄ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪراچي سميت سنڌ ۾ اڄ کان 29 آگسٽ تائين تيز وسڪارن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

 ڪراچي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڪي ايم سي جي ملازمن جو موڪلون رد ڪيون ويون

 موسميات کاتي چيو آهي ته اهو سسٽم هندي سمنڊ کان ڪراچي جي ڏاکڻي حصي تائين ايندو، سسٽم جي اثر سبب ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جا امڪان آهن، چوماسي جو سسٽم شدت اختيار ڪندي ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، اُن جو اثر سامونڊي چاڙهه جي صورت ۾ هوندو

 سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي 27 کان 30 آگسٽ تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت، پي ڊي ايم اي پاران پنجاب ۾ به اڄ کان مون سون برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو