ڪوئيٽه: موسيٰ خيل ۾ 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي سڃاڻپ بعد قتل ڪيو ويو

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ لاڳيتو هڪ ٻئي پٺيان دهشتگرديءَ جا واقعا، موسيٰ خيل ضلعي جي راڙه شم جي علائقي ۾ 23 مسافرن کي بسن مان لاهي سڃاڻپ بعد قتل ڪيو ويو.

قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيلن ۾ پوليس جو سب انسپيڪٽر، 4 ليويز اهلڪار ۽ 5 شهري شامل، مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچه ۾ هٿياربندن جو ليويز ٿاڻي تي حملو، سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري ٿاڻي تان هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو، هٿياربند فرار ٿي ويا.

ليويز موجب حملو ڪندڙ هٿياربندن ٿاڻي ۾ بيٺل موٽرسائيڪلن، گاڏين ۽ ٿاڻي جي ريڪارڊ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

بولان جي علائقي دوزان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ريلوي جي پل ڪري پئي، پنجاب ۽ سنڌ سميت مختلف علائقن لاءِ ٽرين سروس معطل ٿي وئي.