ڪربلا جي شهيدن جو اڄ چاليهو ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي، موبائل سروس بند

ڪراچي: سنڌ سميت  سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ حضرت امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي مجلس جو اهتمام ڪيو پيو وڃي. ننڍن وڏن شهرن ۾ مجلسون ۽ جلوس برآمد ڪيا  پيا وڃن ۽ ڪربلا جي  شهيدن سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

مرڪزي ماتمي جلوس جي لنگهه وارن رستن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو، چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، سموري سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي. جڏهن ته ڪراچي ۾ نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند آهن

ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو، ماتمي جلوس طئي ٿيل رستن تان ٿيندو شام جي وقت حسينيه ايرانيان امام بارگاهه کارا در وٽ نهر ٿيندو.

سنڌ سرڪار ڪراچي، حيدرآباد، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ فون ۽ ڊيٽا سروس بند ڪري ڇڏي، ملڪ جي ٻين حساس علائقن ۾ به موبائل فون سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي