عائشا ٽاڪيا کي انسٽاگرام ڊليٽ ڪرڻو پئجي ويو

نئين دهلي: بالي ووڊ اداڪارا عائشا ٽاڪيا سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ٽرولنگ مان نگ اچي پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.

سلمان خان جي فلم وانٽيڊ مان شهرت ماڻيندڙ اداڪارا عائشا ٽاڪيا پنهنجي نئين روپ واريون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون جيڪي مداحن کي ٺپ نه وڻيون.

مداحن طرفان اداڪارا جي ان انداز کي پسند نه ڪيو ويو ۽ تنقيد ڪئي وئي.

هڪ واهپيدار لکيو ته تون ته بالي ووڊ راڻي هئين توکي ڇا ٿي ويو؟ ڇا تون اها ئي سهڻي عائشا آهين؟

واهپيدارن جي لاڳيتي تنقيد تي عائشا ٽاڪيا انسٽاگرام ئي بند ڪري ڇڏيو.