عليمه ۽ بشريٰ گروپ پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا:عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته عليمه گروپ ۽ بشريٰ گروپ ٻئي پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪري رهي آهي ۽ اڄ پاڻ انتشار جو شڪار آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪري رهي آهي. تحريڪ انتشار ملڪ جي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪيو. ملڪي مفاد کي نقصان پهچائڻ کان ڪڏهن به پاسو نه ڪيو.

هن چيو ته انتشار واري سياست جي بنياد پي ٽي آءِ باني چيئرمين رکي هن معاشري کي ورهايو. هڪ ٻئي سان ماڻهن کي وڙهايو ويو. اڄ تحريڪ انصاف جي پارٽي پاڻ انتشار جو شڪار آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته نفرت جي سياست جو انجام سٺو نه هوندو آهي. عليمه خان رئوف حسن کي چيو ته بشريٰ بي بي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي. بشريٰ بي بي همدردي جي لاءِ ڪوڙو ۽ همدردي جو بيان پکيڙي رهي آهي، تحريڪ انتشار ۾ مختلف گروپ بڻجي ويا آهن، تحريڪ انتشار ۾  ڪيترائي ڊس انفارميشن سيل هلي رهيا آهن، هڪ ڊس انفارميشن سيل رئوف حسن عليمه خان سان ملي هلايو پيو وڃي ته ٻيون سيل بشريٰ بي بي هلائي رهي آهي.

عطا تارڙ چيو ته جنهن ملڪ جي عوام کي ورهايو اڄ ان جي  پنهنجي پارٽي ورهاست ۽ انتشار جو شڪار آهي، عليمه گروپ ۽ بشريٰ گروپ پارٽي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. بشريٰ بي بي جو ڪوڙو بيان ٺاهيو پيو وڃي، ان ۾ ڪابه حقيقت نه آهي، نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪندڙن جي پنهنجي پارٽي انتشار جو شڪار آهي سياسي مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.