وزيراعظم سان بلاول جي ملاقات، معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي شڪايت

اسلام آباد: وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري کي وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. بلاول پاران پارٽي سان مشاورت بعد جواب ڏيڻ جي خاطري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. بلاول سان گڏ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ نويد قمر به گڏ هئا. جڏهن ته وزيراعطم سان اسحاق ڊار، راڻا ثناءَ الله ، احسن اقبال ۽ اعظم تارڙ موجود هئا. ملاقات بعد رانا ثناءَ الله خان جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيوته پيپلزپارٽي کي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪالهه به ڪئي هئي اڄ به ڪئي آهي. هن چيو ته بلاول ڪجهه معاملا اٿاريا ۽ جلد اهي معاملا حل ٿي ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ پگهاردار طبقي کي رعايت ڏيڻ جي صلاح ڏني. هن پنجاب ۾ اتحادي هوندي به پارٽي اڳواڻن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ ۽ مريم نواز جي نظر انداز ڪرڻ بابت شڪايتون ڪيون. وزيراعظم کيس شڪايتون دور ڪرڻ لاءِ مريم سان ڳالهائي جلد معاملا حل ڪرن جي خاطري ڪرائي. لکت واري معاهدي موجب ٻنهي پارٽين جي رابطا ڪميٽين جي نمائندن جو اجلاس آچر تي لاهور ۾ گورنر هائوس تي گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو . وزيراعظم ان موقعي تي اهم قانونسازي بابت بلاول کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته ايندڙ سومر تي گهرايل قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ قانون سازي ٿيندي.

Meeting with Prime Minister Bilawal