شيخ حسينه واجد خلاف هڪ شخص جي قتل جو ٻيو به ڪيس داخل

ڍاڪا: بنگلاديشي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف ڍاڪا ۾ مارچ دوران هڪ شخص جي قتل جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي،

ڍاڪا جي ايڊابار ٿاڻي تي رفيق السلام نالي شهريءَ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر موجب 5 آگسٽ تي ڍاڪا ۾ مارچ دوران روفيل نالي شخص کي گوليون لڳيون هيون ۽ هن 7 آگسٽ تي دم ڏنو هو

ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد ۽ شڪيب الحسن سميت 154 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو.

آل رائونڊر شڪيب الحسن هلندڙ سال ٿيل چونڊن ۾ شيخ حسينه جي عوامي ليگ پارٽي جي ٽڪيٽ تي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو هو.

شڪيب الحسن هن وقت پاڪستان جو دورو ڪندڙ بنگلاديشي ٽيم جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.