سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو

ڪراچي: ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 25 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين تيز هوائن سان وسڪارن جو امڪان آهي.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفاني وسڪارن دوران سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جا هيٺاهين وارا علائقا ٻڏڻ جو خدشو آهي.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز طرفان 27 ۽ 28 آگسٽ تي ڪراچي ۾ طوفاني وسڪارن سبب اربن فلڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

August 25 rains in Sindhthe possibility of a new series of rains