ڀارت جي دواساز ڪمپني ۾ ڌماڪو 17 فوت 41 زخمي

نئين دهلي: ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي اچوتاپورم اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ دوا ساز ڪمپني جي ڪارخاني ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 41 زخمي ٿي پيا. ڀارتي خابرو اداري اين ڊي ٽي وي موجب اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ دوا ساز ڪمپني جي پلانٽ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، زخمين کي اين ٽي آر اسپتال منتقل ڪيو ويو.هڪ پوليس آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 41 زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ سينيئر پوليس اهلڪار تصديق ڪئي ته واقعي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا، رائٽرز نيوز ايجنسي موجب ضلعي ڪليڪٽر جو چوڻ هو ته ر ي ايڪٽر ۾ ڌماڪو نه ٿيو پر شايد بجلي جي تارن ۾ باهه لڳڻ سبب ٿيو. 40 ايڪڙن تي مشتمل 200 ڪروڙ جي لاڳت واري هن فيڪٽري ۾ 380 ملازم ڪم ڪن ٿا. لنچ دوران ڪافي ملازم ماني کائڻ ويا هئا جنهن سبب گهت جاني نقصان ٿيو.