پاڪستان عالمي ادارن کان منڪي پاڪس ويڪسين ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ملڪ ۾ منڪي پاڪس جي ويڪسين ۽ علاج لاءِ دوائون ميسر نه آهن انهي جي ڪري پاڪستان عالمي ادارن کان منڪي پاڪس جي ويڪسين ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس بابت هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به  منڪي پاڪس جا ڪيسز رپورت ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ به انهي جي امڪاني خطرن کي نظرن ۾ رکندي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.

ماهرين موجب پاڪستان ۾ في الحال انهي کان بچاءُ جي  لاءِ  ڪابه ويڪسين  موجود نه آهي، اختيارين موجب منڪي پاڪس جي ويڪسين صرف ايئرپورٽ تي اسڪريننگ، اختيارين ۽ آءِ سي يو جي عملي کي لڳائي ويندي، عام ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

ياد رهي ته منڪي پاڪس هڪ وائرل انفيڪشن آهي جيڪو جانورن کان انسانن يا انسان کان انسان ۾ هڪ ميٽر جي فاصلي تان پکڙجي سگهي ٿو. بخار، مٿي ۽ پٺي ۾ سور، گلي جي خراش ۽ غدود جي سوڄ مرض جون شروعاتي نشانيون آهن.