انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 34 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت رجحان اڄ تائين برقرار رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 497 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 242 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 77,745 پوائنٽس تي بند ٿيو.