انتظامي مسئلا، سڄي ملڪ ۾ 18 اڏامون رد

ڪراچي: ايئر لائنز جي انتظامي مسئلن سبب سڄي ملڪ ۾ 18 اڏامون رد ڪيون ويون.ڪراچي کان لاهور ويندڙ پي آءِ اي جون اڏامون پي ڪي 6312، 6313 ۽ نجي ايئر لائن جون اڏامون پي ايف 141، 142 رد ڪيون ويون آهن.پي آءِ اي جون ڪراچي کان گوادر جون 2 اڏامون جڏهن ته اسلام آباد کان 2 اڏامون اي آر 502، 503 رد ڪيون ويون.بغداد کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جون 2 اڏامون 1433، 1434 ۽ ڪراچي کان جده ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 831 کي به رد ڪيو ويو.ڪويت ايئر ويز جون 2 اڏامون ڪي يو 203، 204 ڪويت سٽي کان لاهور ۽ پي آءِ اي جي جده ويندڙ اڏام پي ڪي 759 کي رد ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه اسلام آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ خانگي هوائي اڏن جي اي آر 540، 541 ۽ دبئي لاءِ پرائيويٽ ايئر لائن جي اڏام اي آر 701، 702 کي به رد ڪيو ويو.ڪراچي کان جده ويندڙ نجي هوائي اڏي پي اي 170 جي روانگي ۾ 6 ڪلاڪ ۽ جده ويندڙ اڏام پي ايف 714 جي روانگي اڍائي ڪلاڪ جي دير ٿي آهي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 302 جي روانگي هاڻي 6 ڪلاڪ دير سان 2 وڳي ٿيندي، جڏهن ته ملتان ويندڙ اڏام پي ڪي 330 جي روانگي ۾ 2 ڪلاڪ دير ڪئي وئي آهي.

Administrative problems