آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ نئين قرض پروگرام جي منظوري ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) طرفان پاڪستان جي لاءِ 7 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي شيڊول ۾ پاڪستان جو نالو اڃان تائين شامل نه ڪيو ويو آهي، ايگزيڪٽو بورڊ 28 کان 30 آگسٽ تائين ويٽنام سميت 3 ٻين ملڪن جي درخواستن تي غور ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي لاءِ نئين قرض پروگرام جي منظوري ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته دوست ملڪن کان 12 ارب ڊالر قرض وقت تي رول اوور نه ٿيڻ کي دير جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس کان پهريان ايڪسٽرنل فنانسنگ جي يقين ڏيارڻ جي شرط  رکي آهي. پاڪستان وٽ سعودي عرب جا 5 ارب ڊالر، چين جا 4 ارب ڊالر ۽ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر ڊيپازٽ آهن.

ذريعن موجب حڪومت 3 ملڪن جا 12 ارب ڊالر جا ڊيپازٽ رول اوور ڪرائڻ ۽ ڪمرشل قرض جي ري فنانسنگ جي لاءِ ڪوششن ۾ آهي جڏهن ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال ڪمرشل قرض سميت گڏيل طور تي 26 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جون ٻاهريون ادائگيون ڪرڻيون آهن.