برساتن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جي صورتحال برقرار

ڪراچي: : برساتن سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهن.سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊوآدم ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ کان پوءِ رهواسي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت لڏ پلاڻ تي مجبور آهن.نوشهروفيروز ۾ بکهري واري هنڌ تي سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ وهڪرا ٽڪرائجڻ کان پوءِ بچاءُ بند تي 2 ڏنهن اڳ گهارو پوڻ سبب وڌيڪ 10 ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته بندن جي مرمت جو ڪم جاري آهي.سکر ۾ 98 سيڪڙو علائقن مان برساتي پاڻي جو نيڪال مڪمل ڪيو ويو آهي. سکر اسٽيشن، ڪچي آبادي، گول ٽڪڙي ۽ بينظير ڪالوني مان به پاڻي جي نيڪال جو عمل جاري آهي. پاڻي جي نيڪال جو ڪم اڄ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

Due to the rains