آبادي ۾ واڌ، پاڪستان کي نوان شهر ٺاهڻ گهرجن: اي ڊي بي

اسلام آباد: آبادي ۾ واڌ بابت رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي وڌندڙ آبادي لاءِ نوان شهر ۽ مستقل پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو. وڌندڙ آبادي سبب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي حالت خراب ٿي رهي آهي، شهر بنا رٿابندي جي غيرقانوني طور تي تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ بلڊنگ ڪوڊس جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري شهرن ۾ ماحولياتي ۽ نظام جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زرعي زمينن تي وڌندڙ حددخلين سبب مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو آهي، معاشي پاور هائوس، تعليم، معيشت جي بهتري جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال دوران پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ تاريخي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو. 2018ع ۾ جي ڊي پي ۾ ڪراچي جو حصو 15 سيڪڙو ۽ ٽيڪسن ۾ 55 سيڪڙو هو، پاڪستان جا 10 وڏا شهر وفاقي ٽيڪسن ۾ 95 سيڪڙو حصو ڏئي رهيا آهن.18هين ترميم کانپوءِ صوبا ۽ مڪاني حڪومتون شهرن ۾ خدمتون ۽ انتظام بهتر نه ڪري سگهيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022 ۽ 2010 جي ٻوڏن سبب پاڪستان جي معيشت کي 40 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو، انهن ٻوڏن سبب 3700 ماڻهو فوت ٿيا، 2015 دوران ڪراچي ۾ گرمي جي لهر سبب 1200 ماڻهو فوت ٿيا.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ معاشي نقصان پهتو آهي. وڌندڙ آبادي سبب پاڪستان کي هر سال 350 هزار نون گهرن جي ضرورت آهي، آبادي جي آبادي لاءِ مجموعي طور 1 ڪروڙ نوان گهر گهربل آهن.اي ڊي بي جي رپورٽ موجب پاڪستان 2040 تائين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ وارن ملڪن ۾ 23هين نمبر تي اچي سگهي ٿو. شهري علائقن جي 43 سيڪڙو آبادي اڃا تائين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. شهري علائقن ۾ لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو آبادي بنيادي صفائي جي قدمن کان محروم آهي.

Population growth