عمران خان جي سهولتڪاري جو الزام: اڊيالا جيل جا وڌيڪ 6 ملازم گرفتار

راولپنڊي: اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مبينه سهولتڪاري جي معاملي تي جيل جي وڌيڪ 6 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب حراست ۾ ورتل جيل ملازمن ۾ 3 عورتون به شامل آهن جن مان هڪ عورت سوئپر، 2 ليڊي وارڊنز ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي نگراني ڪندڙ 3 اهلڪار به شامل آهن جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته عورتن جو اسٽاف جيل ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا جڏهن ته گرفتار ڪيل ملازمن جا موبائل فون به قبضي ۾ ورتا ويا آهن.

ياد رهي ته انهي کان اڳ سيڪيورٽي ادارن عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام ۾ اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم کي به گرفتار ڪيو هو جڏهن ته اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ بلال کان به پڇاڳاڇا ڪئي وئي هئي.