ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير کان برسات جو سلسلو جاري، موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح سوير کان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ برسات جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهندو. صبح جي وقت ڪراچي جو گرمي پد 28 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو وڌ کان وڌ 33 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته شهر ۾ 20 ڪلو ميٽر جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.

موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ جي مختلف سامونڊي علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسمياتي تجزيه ڪار موجب عرب سمنڊ کان ايندڙ ڪڪرن سبب گذريل رات ۽ صبح هلڪي برسات پئي، وڌيڪ ڪڪر شهر جي طرف وڌي رهيا آهن. ڪراچي جي ڏاکڻي علائقن ۾ وڌيڪ هلڪي بوندا باندي يا هلڪي برسات جو  امڪان آهي.

ٻئي پاسي ٽنڊوآدم ۾ روهڙي ڪئنال ۾ پوندڙ گهاري ۽ تيز برسات کان پوءِ ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، ضلعي ڄامشورو جي تعلقي سيوهڻ ۾ ڪچي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بيٺل فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته رابطي لاءِ روڊ به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر، اوڀر بلوچستان ۾ ٻيو طاقتور سانوڻي جو سسٽم موجود آهي جنهن جي تحت وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.