منڪي پاڪس جو خطرو: ڪراچي جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري

ڪراچي: شهر جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ منڪي پاڪس کان بچاءَ لاءِ انفيڪشن ڪنٽرول الرٽ جاري ڪيو ويو.

طبي ماهرن موجب صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس بابت هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، اهو انفيڪشن جانورن مان انسانن ۾ پکڙجندو آهي.

طبي ماهرن ٻڌايو ته منڪي پاڪس انفيڪشن هڪ انسان مان ٻئي ۾ به پکڙجي سگهي ٿو، منڪي پاڪس کان بچاءَ لاءِ هٿن جي صفائي، سينيٽائيزر ۽ اين 95 ماسڪ ضروري آهي.

طبي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته بخار، سيءُ ٿيڻ، جسم ۾ سور، خارش، غدود جي سوڄ منڪي پاڪس جون علامتون آهن، ان جي سڃاڻپ لاءِ پي سي آر ٽيسٽ ضروري آهي.

ان حوالي سان ڊائو يونيورسٽي جي پروفيسر سعيد ٻڌايو ته منڪي پاڪس کان بچاءَ جي ويڪسين في الحال دستياب ناهي پر چيچڪ جي ويڪسين منڪي پاڪس کان ڪجهه حد تائين تحفظ فراهم ڪري ٿي.