سنڌ ۾ به ارشد نديم تي انعامن ۽ پئسن جي برسات

اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ قومي ايٿليٽ ارشد نديم جي سي ايم هائوس سنڌ پهچڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين پاران پرجوش آجيان، وڏي وزير سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڌ ۾ ڇڏي وزيرن سوڌو ارشد نديم جي آجيان ڪئي

 وڏي وزير مراد علي شاهه ارشد نديم کي اعلانيل 5 ڪروڙ روپين جي رقم جو چيڪ پيش ڪيو، وڏي وزير ارشد نديم جي ڪوچ کي به 50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان به ڪيو، ارشد نديم کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به پهرايو ويو

 وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري توهان لاءِ پيغام ڏنو آهي ته توهان کي ايندڙ اولمپڪس لاءِ به هاڻي کان تياري ڪرڻي آهي، اسان جي 24 ڪروڙ آبادي آهي ۽ ملڪ ۾ 24 گولڊ ميڊل اچڻ گهرجن

 وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ارشد نديم جي سپورٽ ڪندي رهندي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ارشد نديم کي چيو ته توهان کي گاڏيءَ جي رجسٽريشن لاءِ جيڪو نمبر کپي اهو ڏينداسين

 صوبائي وزير ناصر شاهه ارشد نديم جي والده کي گاڏي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پاران ارشد نديم جي نالي سان شهر ۾ اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

راندين واري وزير محمد بخش مهر به پنهنجي طرفان ارشد نديم کي انعامي رقم جو چيڪ ڏنو، بلديات واري وزير سعيد غني پاران شهر ۾ روڊ جو نالو ارشد نديم سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

 ارشد نديم چيو ته وڏي وزير ۽ ٻين سان ملاقات ڪري خوشي ٿي، مهمان نوازي ۽ پرجوش آجيان تي سڀني جو ٿورائتو آهيان

In Sindh