آئما بيگ کي دل جو دورو پئجي ويو

ڪراچي : مشهور گلوڪارا آئما بيگ کي دل جو دورو پئجي ويو جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي گلوڪارا آئما بيگ تصديق ڪئي آهي ته کيس دل جو دورو پيو هو، هن ٻڌايو ته دل ۾ تڪليف سبب هوءَ اسپتال آئي ته ڊاڪٽرن دل جي دوري جو انڪشاف ڪيو.
هن اسپتال مان پنهنجي هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ سندس جسم تي اي سي جي جون پوائنٽس لڳل هيون.
اداڪارا ٻڌايو ته مني هارٽ اٽيڪ جو سبب ذهني دٻاءُ، ننڊ جي کوٽ ۽ بيچيني آهي، تمام گهڻو سفر، رات جو ننڊ نه اچن ۽ مسلسل ٿڪ به بيماري جي اهم ڪارڻن ۾ شامل آهي.
هن چيوته مني هارٽ اٽيڪ کانپوءِ ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته پنهنجي صحت پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.
اداڪارا پنهنجي مداحن کي اِهو نه ٻڌايو ته منجهس دل جي بيماري جي نشاندهي ڪڏهن ٿي هئي،اداڪارا چيوته هوءَ پنهنجي صحت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سفر بدران مڪمل آرام ۽ تمام گهڻو احتياط پڻ ڪري رهي آهي.
آئما بيگ جي پوسٽ تي ڪجهه واهپيدار مٿس ٺٺول ڪندي سوال اُٿاري رهيا آهن ته ڇا هارٽ اٽيڪ به ” مني، پروميڪس “ هوندا آهن؟ جڏهن ته ڪيئي واهپيدارن سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي.