پيٽرليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد : پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ۾ في ليٽر 12 رپيا لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هنيئر تائين جي ورڪنگ موجب پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، في ليٽر پيٽرول نوَ رپيا ۽ ڊيزل ساڍا اٺ رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ گاسليٽ جي اگهه ۾ به في ليٽر ٻارنهن رپيا لاٿ جو امڪان آهي.
اوگرا پاران پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي ورڪنگ 15 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت ڏانهن اُماڻي ويندي، ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان نون اگهن جو اعلان ڪندي.