پيرس اولمپڪس گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ ارشد نديم جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

پيرس: (جمعو: 09 آگسٽ 2024ع) پيرس اولپڪس ۾ پاڪستان لاءِ تاريخ رقم ڪندڙ ايٿيلٽ ارشد نديم جو پهريون بيان سامهون اچي ويو.

پيرس اولمپڪس جي جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ بلند ڪري ڇڏيو.

ارشد نديم پاڪستان طرفان اولمپڪس جي انفرادي مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ پهريون ايٿليٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان آخري ڀيرو 1992 ۾ اولمپڪس ۾ هاڪي جي ميدان ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.

ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته سڀ کان پهرين هو ڪاميابي تي خدا جو شڪر گذار آهي، ان کانپوءِ والدين ۽ پوري قوم جي دعائن مون سان گڏ هيون، خاص طور ڪوچ سلمان اقبال بٽ جي اڻٿڪ محنت ۽ ڊاڪٽ علي شير باجوا جي حمايت سان هو اِهو سنگِ ميل پار ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، سڀني جي وڏي مهرباني.

ارشد نديم وڌيڪ چيو ته هي گولڊ ميڊل منهنجي طرفان پوري قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جو تحفو آهي.