قومي اسيمبلي ۾ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير نذير تارڙ ارشد نديم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي قومي اسيمبلي جي ميمبرن منظور ڪيو.

قومي اسيمبلي اولمپڪ گيمز ۾ گولڊ ميڊل ماڻيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري پاران ارشد نديم کي سول ايوارڊ سان نوازيو وڃي.

گذريل ڏينهن ارشد نديم پئرس اولمپڪس جي جيولن ٿرو مقابلن ۾ نئون ريڪارڊ قائم ڪندي گولڊ ميڊل کٽي ورتو هو، ارشد نديم جي ڪاميابي سبب پاڪستان کي 32 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل مليو.

ارشد نديم مينز جيولين ٿرو ايونٽ ۾ 92.97 ميٽرز جي فاصلي تائين نيزو اڇلائي 2008 جو اولمپڪ ريڪارڊ به ٽوڙيو، سنڌ سرڪار پاران ارشد نديم لاءِ 5 ڪروڙ روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.