پئرس اولمپڪس ۾ شامل آسٽريلوي هاڪي ٽيم جو رانديگر گرفتار

پئرس : پئرس اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ آسٽريلوي هاڪي ٽيم جي رانديگر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آسٽريلين اولمپڪس ڪميٽي به هڪ رانديگرن جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي پر گرفتار رانديگر بابت تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آسٽريلين هاڪي ٽيم جي پليئر کي ڪوڪين خريدڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، 19 ورهين جي ڪوڪين فروش ۽ 28 سالا آسٽريلوي خريدار کي پئرس مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته خريدار بابت ٻڌايو ويو آهي ته هو آسٽريلين هاڪي ٽيم جو ميمبر آهي.
ٻئي پاسي آسٽريلوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار رانديگر ٽيم جو اسٽرائيڪر ٽام ڪريگ آهي.
ياد رهي ته آسٽريلين هاڪي ٽيم کي پئرس اولمپڪس جي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست ٿي هئي جڏهن ته ٽام ڪريگ 2021 ۾ ٿيل اولمپڪس ۾ سلور ميڊلسٽ ٽيم جو به حصو هو.