جپان ۾ 7.1 شدت جو زلزلو، سونامي جي وارننگ جاري

ٽوڪيو : جپان ۾ 7.1 جي شدت سان آيل زلزلي کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جپان جي ڏکڻ اولهه وارن علائقن ۾ ست ڏهائي هڪ جي شدت سان آيل زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
مقامي ميڊيا موجب، پهريان زلزلي جي شدت 6.9 ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته پوءِ زلزلي جي شدت 7.1 رڪارڊ ڪئي وئي.
مقامي انتظاميا طرفان ڪيوشو ۽ شڪوڪو جي اولهه وارن ٻيٽن ۾ هڪ ميٽر تائين بلند لهرن جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

7.1 magnitude earthquake