آصف مرچنٽ پاڪستان اندر ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه آهي، سندس ڪوبه ڪرمنل رڪارڊ نه آهي: سي ٽي ڊي

اسلام آباد: آمريڪي زمين تي قتل جي منصوبه بندي جي الزام ۾ گرفتار پاڪستاني شهري آصف مرچنٽ جي حوالي سان مقامي ادارن به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

آصف مرچنٽ ڪراچي جو شهري آهي ۽ ان حوالي سان سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف رضا مرچنٽ جو ڪراچي ۾ هينئر تائين ڪوبه ڪرمنل رڪارڊ سامهون نه آيو آهي نه ئي وري ان جي پاڪستان ۾ ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي خبر پئي آهي، ان حوالي سان ٻيا جاچ ڪندڙ ادارا به معلومات حاصل ڪري رهيا آهن.

آصف رضا مرچنٽ ولد حبيب مرچنٽ 18 مئي 1978ع تي پيدا ٿيو، هو شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي، رپورٽ موجب آمريڪا ۾ هڪ سياستدان يا حڪومتي عهديدار جي قتل جي منصوبه بندي جي الزام ۾ گرفتار ٿيندڙ پاڪستاني آصف رضا مرچنٽ پاڪستان ۾ انڪم ٽيڪس فائلر آهي.

پاڪستان ۾ ايف بي آر جي رڪارڊ ۾ ان جو شمار ايڪٽو فائلر لسٽ ۾ آهي ان جي باري ۾ رپورٽون آهن ته ظاهري طور تي ان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق سامهون نه آيو آهي هن هڪ نجي يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

پاڪستاني ادارن آصف مرچنٽ جي حوالي سان شروعاتي اهم تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن.  سامهون ايندڙ تفصيلن ۾ آصف مرچنٽ جي رهائش  ۽ استعمال هيٺ گاڏيون، بينڪ اڪائونٽ نوڪريون ۽ سفري رڪارڊ شامل آهي.

ذريعن موجب آصف مرچنٽ 3 پاسپورٽن تي 2 نومبر 2017 کان 8 اپريل 2024 تائين ڪيترائي ڀيرا ايران جو سفر ڪيو آصف مرچنٽ 2 نومبر 2017 کان 14 نومبر 2017 تائين ايران ۾ ترسيو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جوابدار 17 سيپٽمبر 2023 کان 15 آڪٽوبر 2023 جو وڏو وقت به ايران ۾ گذاريو، آڪٽوبر 2023 ۾ ايران مان واپسي کان پوءِ 21 نومبر تي آصف مرچنٽ آمريڪا جو سفر ڪيو. ذريعن موجب آصف مرچنٽ 17 ڊسمبر 2023 تي آمريڪا کان واپس پاڪستان پهتو. هلندڙ سال 15 جنوري تي آصف مرچنٽ ڪراچي ايئرپورٽ تان هڪ دفعو ٻيهر ايران جو سفر ڪيو.

سامهون آيل رڪارڊ موجب ايران جي انهي سفر تان آصف مرچنٽ جي واپسي 12 فيبروري 2024 تي ٿي، پهرين اپريل تي به آصف مرچنٽ ڪراچي کان ايران ويو.

آصف مرچنٽ 9 اپريل تي ايران جي سفر تان واپس ڪراچي پهتو پاڪستان مان آصف مرچنٽ 11 اپريل 2024 تي ترڪي جي رستي مبينه طور تي آمريڪا جو سفر ڪيو، آصف مرچنٽ جا ڪراچي گلشن اقبال ۽ جعفر طيار سوسائٽي ۾ 2 گهر آهن. آصف مرچنٽ ڪراچي جي نيو پورٽ انسٽيٽيوٽ کان مينجمينٽ سسٽم ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 2002 کان ڪراچي ۾ بينڪنگ ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

Asif Merchant is not involved in any crime inside Pakistan