پاڪستان هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ علاج لاءِ عالمي برادري کان 24 ڪروڙ ڊالرز گهري ورتا

اسلام آباد: پاڪستان هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ علاج لاءِ عالمي برادري کان 25 ڪروڙ ڊالر گهري ورتا آهن.

وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار بهرٿ هيپاٽاٽائيٽس تي آگاهي پروگرام ۾ خطاب ڪندي ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبن 50 سيڪڙو آبادي جي اسڪريننگ ۽ علاج لاءِ 70 ارب روپيه رکيا آهن

ڊاڪٽر مختار ٻڌايو ته بقايا 50 سيڪڙو آبادي جي هيپاٽائيٽس اسڪريننگ ۽ علاج جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر گهرجن. اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گهربل فنڊنگ مهيا ڪندي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ حڪومت گڏيل قدم يقيني بنائي رهي آهي. ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس سي جي ڪيسز جو انگ تمام وڌيڪ آهي. پروگرام جي تحت 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي آبادي جي وڏي پيماني تي اسڪريننگ ٿيندي جنهن سان مريضن جو ٽيسٽ ۽ علاج مفت ڪيو ويندو.ڊاڪٽر مختار چيو ته حڪومت 2030 تائين وائرل هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي جنگ عوام جي مدد کان سواءِ نٿي کٽي سگهجي، رت سان پکڙجندڙ انفيڪشن هيپاٽائيٽس سي جي متاثر رت جي منتقلي سان پکڙجي ٿو. هيپاٽائيٽس سي کان بچاءُ جو بهترين طريقو وائرس جي منتقلي واري عمل تي احتياط آهي جنهن لاءِ هميشه اسڪرين ٿيل رت لڳرايو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن به اهڙيون شيون استعمال نه ڪريو جنهن تي ٻين ماڻهن جو رت لڳل هجي، هيپاٽائيٽس سي جي ڪابه ويڪسين دستياب نه آهي، اها هڪ خاموش بيماري آهي ڇو ته انهي جي ڪابه نشاني نه آهي، بيماري جي ڪيفيت ڄاڻڻ جو هڪڙو ئي طريقو  آهي ٽيسٽ ڪرايو وڃي. پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جو انتهائي موثر علاج موجود آهي، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس  جي علاج ۾ ڪاميابي جي شرح 95 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.