ممبئي : بالي ووڊ جي نامور اداڪارا ڪترينا ڪيف انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ رنبير ڪپور جي گهرواري عاليا ڀٽ کان رات جو ٻين ٽين وڳي صلاح مشورا وٺندي آهي.
عاليا ڀٽ ۽ ڪترينا ڪيف جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي پهرئين جوڙ جي اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، ٻنهي جي دوستي به مشهور آهي، هتي اِها ڳالهه به اهم آهي ته عاليا ڀٽ جو مڙس اداڪار رنبير ڪپور ڪترينا ڪيف جو اڳوڻو بواءِ فرينڊ به رهي چڪو آهي.
2017 ۾ نهيا ڌوپيا طرفان هڪ انٽرويو ۾ عاليا ۽ ڪترينا مهمان طور شرڪت ڪئي هئي، ان پروگرام دوران ڪترينا ڪيف ٻڌايو هو ته هوءَ اڌ رات جو عاليا ڀٽ کي ميسجز ڪندي آهي.
ڪترينا ڪيف جو چوڻ هو ته عاليا سندس انسٽا ڪوئسٽن پرسن آهي، يعني انسٽاگرام بابت جيترا سوال هجن عاليا کان پڇندي آهيان.