پي ٽي آءِ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪِ انصاف اليڪشن ايڪٽ تريميمي بل سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان طرفان سلمان اڪرم راجا ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي خلاف آرٽيڪل 184 ٽي جي آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ باوجود اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو هو.
قومي اسيمبلي کانپوءِ اڄ سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي.