دهشتگردي ٽوڙ عدالت رئوف حسن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد : اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس پي ٽي آءِ اڳواڻ خلاف ٽيرر فنانسنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پراسيڪيوٽر راجا نويد ۽ رئوف حسن جي وڪيل علي بخاري دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر نويد راجا چيو ته احمد وقاص جي بيان کانپوءِ فوري طور رئوف حسن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، پوليس کي پتو پيو ته رئوف حسن بارودي مواد خريدڻ لاءِ پئسا ڏنا، سندس خلاف ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا قلم شامل ڪيا ويا.
رئوف حسن جي وڪيل علي بخاري دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ رئوف حسن نامزد ناهي، ايف آءِ آر بلائنڊ آهي، رئوف حسن تي بارودي مواد جي فنانسنگ جو الزام آهي پر هو بارودي مواد سان يا واقعي واري هنڌ تان گرفتار ناهي ٿيو.
ان دوران پراسيڪيوٽر رئوف حسن جي ضمانت جي درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ رئوف حسن جي 2 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.