جيا بچن پنهنجي نالي سان اميتاڀ جو نالو جوڙڻ تي آپي مان نڪري وئي

نئين دهلي : ليجنڊري بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان جيان بچن جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر راجيا سڀا ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو .
گذريل هفتي جيا بچن راجيا سڀا ۾ پنهنجي نالي سان اميتاڀ بچن جو نالو جوڙڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .
راجيا سڀا جي ڊپٽي چيئرمين هري ونش نارائڻ جيان بچن کي پارليامينٽ هائوس جي سيشن ۾ خطاب لاءِ دعوت ڏيندي مخاطب ڪيو ته ” شريمتي جيا اميتاڀ بچن جي پليز.“
جيان بچن ڊپٽي چيئرمين سميت سڀني ياد ڏياريو ته سندس پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي، صرف جيا بچن چئي مخاطب ڪيو وڃي.
هن چيو ته هتي هاڻي ڪجهه نئون طريقو شروع ڪيو ويو آهي ته عورتون پنهنجي مڙس جي نالي سان ڄاتيون وڃن، سندن پنهنجي ڪائي سڃاڻپ ناهي نه ئي پنهنجي ڪا اچيومينٽ ناهي.
جيا بچن جي اهڙي ردعمل کانپوءِ جگديپ ڌنڪار چيو ته اوهان پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو نالو اليڪشن ڪميشن ۾ ايندو آهي ۽ جيڪو نالو هتي لکرايو ويندو آهي، ان جي ڦيرڦار جو طريقيڪار موجود آهي ۽ هو پاڻ ان مرحلي مان گذري چڪو آهي.
اِهو ٻڌي جيا بچن چيو ته سر ائين ناهي مون کي پنهنجي نالي تي فخر آهي ۽ امتياڀ بچن تي به فخر آهي، مان سندس سمورين ڪاميابين جي صدر ڪريان ٿي، پر هي نالي وارو ڊرامو اوهان نئون شروع ڪيو آهي.
چيئرمين جگديپ ڌنڪار هڪ ٻئي ميمبر کي خطاب لاءِ سڏيو ” جي شري منوهر لال کٽر“.
جنهن تي جيا بچن هڪ ڀيرو وري اُٿي بيٺي ۽ کِلندي چيائين ته سر سندس نالي جي اڳيان سندس گهرواري جو نالو به لڳائي ڇڏيو.
اِهو ٻڌي راجيا سڀا ۾ ٽهڪڙو مچي ويو جنهن تي جيا بچن چيو ته هوءَ نالي جي خلاف نه آهي پر هر فرد جي سڃاڻپ آهي جنهن کي سندس نالي سان سڏڻ گهرجي.