شيخ حسينه واجد ڳجهي هنڌ تي منتقل، برطانيه ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين ڀارت ۾ رهڻ جو فيصلو

نئين دهلي: ڀارت برطانيه ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ڳجهي هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

شيخ حسينه واجد جي ڀارتي شهر اگرتله پهچڻ کان ڪجهه دير اڳ بنگلاديش جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارت جي وزيراعظم هنگامي طور تي سيڪيورٽي بابت ڪابينه جو اجلاس طلب ڪيو هو.

بنگلاديش جي ٽي وي پنهنجي خبرن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد کي ڀارت ڳجهي هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، شيخ حسينه واجد جي خواهش آهي ته هو برطانيه ۾ سياسي پناهه حاصل ڪري وٺي.

رپورٽن موجب شيخ حسينه واجد جي ڌيءَ صائمه واجد نئين دهلي ۾ ترسيل آهي جنهن سان جلد ئي شيخ حسينه واجد جي ملاقات ڪرائي ويندي. گذريل هڪ مهيني کان جاري پرتشدد واقعن ۾ بنگلاديش ۾ سوين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ شاگردن طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جاري آهي. شاگردن هلندڙ هفتي شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي حسينه واجد شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو هو.

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بنگلاديشي فوج جي پبلڪ ريليشن ڊپارٽمينٽ ملڪ مان ڪرفيو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ تعليمي ادارا به کوليا ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گادي واري شهر ڍاڪا سميت مختلف شهرن ۾ اڪسول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون ويون آهن پر شاگردن جو تعداد  تمام گهٽ آهي، جڏهن ته ڍاڪا جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو هڪ وڏو انگ تعليمي ادارن جي بندش ۽ ملڪي حالتن سبب پنهنجي اباڻي علائقن طرف هليا ويا جنهن جي واپسي ۾ هاڻ وقت لڳندو.

شاگردن جي تحريڪ جي اهم اڳواڻن بنگلاديش جي آرمي چيف طرفان ملڪ ۾ عبوري حڪومت جي قيام کي رد ڪندي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر يونس جي صدارت هيٺ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Sheikh Hasina Wajid moved to a secret location