آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي گهرو وزير سان ملاقات، 5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن جي مذمت

اسلام آباد: آزاد ڪشمير جي وزيراعظم وفاقي گهرو وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

چوڌري انوارالحق محسن نقوي سان گڏ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير يوم استحصال ڪشمير تي والاريل جمون، ڪشمير جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڀارت جي 5 اگسٽ 2019 جي غيرقانوني قدمن جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪئي

ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي اهم رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل 5 سالن کان والاريل جمون، ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي. 5 سالن  دوران ڪيترائي بي گناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ ٻار، پوڙها ۽ عورتون شامل آهن. اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آهي. محسن نقوي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قيام جمون، ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق انهي موقعي تي چيو ته 5 آگسٽ تي دنيا جي سامهون ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. والاريل ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جو به داخلا بند ڪيو ويو آهي. وقت اچي چڪو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جون تنظيمون  ڀارتي ظلمن هيٺ جمون ڪشمير ۾  ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم روڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي قيام جي لاءِ پهريان به ڀرپور مدد ڪئي ۽ آئنده به  تعاون جاري رکنداسين. آزاد ڪشمير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق امن جي قيام لاءِ تعاون تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو ادا ڪيو.