ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جي طلاق جون خبرون، اميتاڀ بچن جي ٽوئيٽ وائرل

ممبئي: اڄڪلهه بالي ووڊ جي مشهور ترين جوري ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ جي طلاق جا افواهه سرگرم آهن، انهيءَ دوران ايشوريا ڌيءَ اراڌيا بچن سان گڏ پرڏيهه موڪلون ملهائڻ وئي جيڪا هاڻ وطن واپس موٽي آئي آهي.

ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن وچ ۾ طلاق جون خبرون ڏينهون ڏينهن زور پڪڙي رهيون آهن جنهن جو بنيادي سبب ٻنهي جو ڊگهي عرصي هڪٻئي سان گڏ نظر نه اچڻ آهي، ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي هنيئر تائين جوڙي طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته بچن خاندان به ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا پنهنجي ڌيءَ سان گڏ موڪلون ملهائڻ نيويارڪ وئي هئي جيڪا هاڻ ممبئي واپس موٽي آئي آهي جنهن کانپوءِ اميتاڀ بچن جي ايڪس تي ڪيل پوسٽس وائرل ٿي رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا جي ڪجهه رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايشوريا اراڌيا کانسواءِ نيويارڪ وئي هئي پر هاڻي سامهون ايندڙ تصويرن ۾ اداڪارا ڌيءَ سان گڏ موجود هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب، اميتاڀ بچن اڄڪلهه ڪوئز شو ڪون بني گا ڪروڙ پتي 16 جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جتان هو اڪثر تصويرون شيئر ڪندو رهندو آهي.

بالي ووڊ شهنشاهه پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي سيٽ تي ڪم جاري آهي، پر شو شامل ٿيندڙ مهمانن سان جذباتن سان ڀرپور گفتگو ڪرڻ خوشي محسوس ٿيندي آهي.

Aishwarya and Abhishek's divorce news