گردي جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي

ڪراچي : گردن جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي.
گردا اسان جي جسم جي اهم عضون مان هڪ آهن، گردن جي ڪري رات جو سمهڻ ۾ ڏکيائي ۽ سوڄ جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.
گردن ۾ مسئلي جي هڪ علامت ڏاڪڻ چڙهندي سهڪو ٿيڻ به آهي.
گردن جو خاص خيال ان لاءِ به رکڻ گهرجي ڇو ته جيڪڏهن گردن جو فلٽر ڦاٽي پوي ته پيشاب ۾ رت اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.
گردا خراب ٿيڻ سان جسم ۾ سور ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ وري وري پيشاب ايندو آهي.
جيڪڏهن اوهان سان ڪو مسئلو پيش اچي رهيو آهي ته فوري ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.