ٽيڪس معافي سان 5 وڏن آءِ پي پيز کي ادائيگين جو انڪشاف

اسلام آباد: توانائي واري شعبي پاران پنجن وڏن پاور هائوسز کي ٽيڪس فري ادائگي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.آءِ پي پيز کي ادائگي جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حب پاور کي 16 سيڪڙو صلاحيت لاءِ 260 ارب رپيا، اينگرو کي 54 سيڪڙو صلاحيت لاءِ 74 ارب رپيا ۽ لڪي گروپ کي 28 سيڪڙو صلاحيت تي 62 ارب رپيا ادا ڪيا ويا.رپورٽ موجب سفائر کي 34 سيڪڙو صلاحيت جي مد ۾ 34 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، ميان منشا جا پاور هائوس کي 13 سيڪڙو صلاحيت تي ساليانو 25.6 ارب رپيا ادا ڪيا ويا.توانائي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ڪمپنين کي هر سال ڪانٽريڪٽ تحت پگهارون ڏنيون وينديون آهن، جيڪڏهن ڪا بي ضابطگي سامهون آئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.ان حوالي سان توانائي جي ماهر انجم نديم جو چوڻ آهي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته آءِ پي پيز معاهدن تحت اربين روپين جي ٽيڪس کان به آجيون آهن، هن چيو ته حڪومت خبر ناهي ڪڏهن جاڳندي ۽ عوام جو استحصال بند ڪندي، اهي معاهدا ايسٽ انڊيا ڪمپني کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن هاڻي انهن تي نظرثاني اڻٽر بڻجي وئي آهي.توانائي ماهر چيو ته بجلي جي بلن سبب عام ماڻهو ۽ صنعت تباهه ٿي وئي آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته 5 وڏا گروپ ٽيڪس فري جي سهولت سان گڏ 560 ارب رپيا وصول ڪري رهيا آهن.