اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ڪئنسر وگهي ديهانت ڪري ويو

ممبئي : اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ انشومن گائيڪواڙ ڪئنسر وگهي 71 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
انشومن گائيڪواڙ وڏي عرصي کان رت جي ڪئنسر ۾ مبتلا هو ۽ گذريل ڏينهن 71 ورهين جي ڄمار ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڊگهي عرصي کان لنڊن ۾ رهندڙ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر هڪ مهينو اڳ ئي ڀارتي شهر برودا ۾ علاج لاءِ واپس آيو هو.
انشومن گائيڪواڙ 1975ع کان 1987 تائين 40 ٽيسٽ ۽ 15 ون ڊي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي، هن ٽيسٽ ۾ 1985 رنسون ٺاهيون، سندس بهترين اننگز 201 پاڪستان خلاف هئي.
گائيڪواڙ کي آڪٽوبر 1997 ۾ ڀارتي ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو ۽ هن سپٽيمبر 1999 تائين اِها ذميواري نڀائي.