سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو

حيدرآباد: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا.

ڪراچي جي لياري، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ملير، قائد آباد، پپري، ابراهيم حيدري، ڀينس ڪالوني، ڊفينس، شاهراهه فيصل، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو پيو.

حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، ماتلي، هالا، بهرام، قصبو، ڊرگهه بالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه، قمبر، واهي پانڌي، گاجي کهاوڙ، نصير آباد، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات جاري آهي.

کير ٿر تي وسڪارن بعد ڪاڇي ۾ نئين نلي وهي آئي، علائقي واسين ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي، مختلف شهرن ۾ وسڪاري بعد بجليءَ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو.

حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن جا ڪيترائي علائقا بجليءَ کان محروم، ميهڙ ۾ بجليءَ جا 10 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، شهري سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا

In different cities of Sindh