بي سي سي آءِ ڀارتي ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي : ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي نائب صدر راجيو شُڪلا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته ڀارتي ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دورو حڪومتي اجازت سان مشروط آهي.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزباني ۾ ٿيندو، پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ واري معاملي ۾ آزاد آهي.
هن چيو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت جيڪو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿو ڪري سگهي ٿو، پر ڀارتي ٽيم جي چيميپئنز ٽرافي لاءِ شرڪت لاءِ حڪومت اجازت گهربل آهي.
راجيو شڪلا قبول ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جو سفر نه ڪيو ته ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به جوابي ردعمل ڏيندو.