لاهور ۾ 357 ملي ميٽر جي برسات 44 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ تيز برسات سبب 44 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، لاهور جي مختلف علائقن ۾ 5 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ نشتر ٽائون، لڪشمي چوڪ، تاج پوره، جوهر ٽائون ۾ برسات سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

واسا  موجب 44 سالن ۾ اڄ سڀني کان وڌيڪ برسات ايئرپورٽ تي 357 ملي ميٽر جڏهن ته نشتر ٽائون ۾ 299 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي

واسا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته لڪشمي چوڪ ۾ 211، تاجپور ۾ 240  ۽ جوهر ٽائون ۾ 270 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب برساتن جو سلسلو 6 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف لاهور جي علائقي تاج پور ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته شهر جي 3 وڏين اسپتالن جي مختلف وارڊز ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو .ميو اسپتال، سروسز ۽ جنرل اسپتال ۾ مريض ۽ سندس وارث سخت پريشان آهن.

مريضن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي صحت واري وزيرن طرفان ڪنهن به اڃان تائين نوٽيس نه ورتو آهي، خواجه سلمان رفيق ۽ خواجه عمران نذير مان ڪوبه اڃان تائين نه پهتو آهي.

ٻئي پاسي  شهر ۾ برسات سبب بجلي جو ورهاست وارو نظام به سخت متاثر ٿيو آهي، 288 فيڊرز ٽرپ ٿي ويا. ليسڪو ترجمان ٻڌايو آهي ته ليسڪو فيلڊ اسٽاف طرفان بجلي جي بحالي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.